پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي

پنڊت شاناڪ/ سارنگ سنڌي: شاناڪ عرف سارنگ سنڌيءَ نالي تاريخ ۾ هڪ ويد/ حڪيم جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو طب، حڪمت ۽ نجوم جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هن جي ڪتابن جو عربي تذڪرن ۾ به ذڪر ملي ٿو، جن ۾ سندس مشهور ڪتاب ”ڪتاب البيطرح“، ”ڪتاب فيعم النجوم“، ”ڪتاب السموم“ ۽ ”ڪتاب منتح الجواهر“ شامل آهن. ان کان سواءِ هن جو سياست تي لکيل هڪ ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو، جنهن ۾ حڪمرانيءَ جا آداب ۽ جنگي انتظام بيان ڪيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو